بجلي اگهه ۾ هڪ رپيو38 پئسا يونٽ واڌ جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ)  نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيپرا طرفان جاري  نوٽيفڪيشن موجب فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 38 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان هڪ رپيو 47 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي هئي ۽ اٿارٽي پهرين سيپٽمبر 2021 تي ايف سي اي جي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي.نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ واڌ رڳو سيپٽمبر مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.