اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ويڪسينيٽرن جو سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو، چڪريون، گرفتاريون

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو ) اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ويڪسنيٽرز 350 ملازمن جي بحالي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪري مين  گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ،ڌرڻي دوران پوليس اهلڪارن ۽ ويڪسينيٽرز ۾ چڪريون، پوليس مظاهرين کي اسيمبلي جي گيٽ اڳيان ڌرڻو ختم ڪرڻ چيو مظاهرين جي انڪار ڪرڻ تي  پوليس مڇرجي پئي، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون،  ڪيترن ئي ويڪسينيٽرز کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، ويڪسينيٽرز جو مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج جاري آھي، جڏهن ته گرفتار ٿيلن  ۾ عورتون پڻ شامل آهن ،ان موقعي تي سائين قادر بخش پيرزادو،امرجليل ميرجت،تنوير حسين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته عدالتي حڪم جو جواز بڻائي 350 کان وڌيڪ ويڪيسينيٽرز کي برطرف ڪيو ويو آهي، قادر بخش پيرزادي چيو ته سنڌ سرڪار ويڪسنيٽرن سان ناانصافي ڪري رهي آهي ۽ پنهنجا نوازي جي ڪري ئي سمورن ويڪسينيٽرن کي برطرف ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ڪراچي ۾ ساڳئي پاليس تحت ويڪسنيٽرز ڪم ڪري رهيا آهن ته پوءِ ٻين ضلعن جي ويڪسنيٽرن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺي انهن کي بيروزگار ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي،گذريل هفتي کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺل آهيون .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.