شڪارپور ۾ پ پ پاران وفاق جي زيادتين خلاف ڌرڻو

شڪارپور ( ڊر) پيپلز پارٽي ضلعي شڪارپور جي صدر ۽ ايم اين اي مير عابد خان ڀيو جي اڳواڻيءَ ۾، وفاق جون سنڌ سان زيادتين خلاف، تاج  سي اين جي جيڪب آباد روڊ شڪارپور باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ ضلعي عهديدارن ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.ڌرڻي سان خطاب ڪندي پ پ پ ضلعي صدر ۽ ايم اين اي مير عابد خان ڀيو چيو ته وفاق جي پاليسين سبب سنڌ جي 20 هزار خاندانن جو چلهو وسايو ويو آهي ۽ 16 هزار نوڪري پيشه ماڻهن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ سان پاڻي، بجلي، گيس ۽ ٻين وسيلن تي وفاق زيادتي ڪري رهيو آهي. ذوالفقار ڪماريو چيو ته وفاق اين ايف سي تحت سنڌ کي فنڊ نه پئي ڏئي، ڌرڻي کي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ آپا نگهت منگي، لياقت ميمڻ، سٽي جنرل سيڪريٽري اي ڪي لاشاري خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.