راڻي پور مان صحافي گم، سکر ۾ گرفتاري ظاهرc

راڻي پور(رپورٽ: عامر مهيسر) راڻي پور جي مقامي پيٽرول پمپ تان سائبر ڪرائيم ونگ پوليس گمبٽ جي صحافي امداد ڄامڙو کي  کنڀي وئي، سوشل ميڊيا تي معاملو وائرل ٿيڻ بعد ظاھر ڪيو ويو، نوجوان صحافي جا وارث وڏي انگ ۾ راڻي پور ٿاڻي تي پھتا. جتان سندس جي کنڀجڻ جي تفصيل وٺڻ لاءِ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رابطو ڪيو ويو. جتان سندس جو ڪو به پھتو نه پيو. ڪجهه ڪلاڪن بعد سائبرڪرائيم ونگ پوليس پاران سکر ۾صحافي کي ظاھر ڪيو ويو. وارثن کي ٻڌايو ته نوجوان کان ڪنھن ڪيس جي باري ۾ پڇاڳاڇا لاءِ کنيو ويو آھي. جنھن جي تصديق نوجوان جي وارثن پڻ ڪئي. ٻئي پاسي نوجوان جي ڀاءُ ڪاشف ڄامڙو ٻڌايو ته امداد کي پنھنجي نمبر تي ڪال آئي جيڪو بنا ٻڌائڻ جي نڪري ويو. جنھن بعد سندس کي راڻي پور ۾ واقعي مقامي پيٽرول پمپ تي بيٺل ڪار ۾ 4 نامعلوم ھٿياربند زبردستي ڪار ۾ کنڀي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.