شرپسندن جو خدشو،بلوچستان مان سنڌ جا 5 داخلي رستا بند

ڪراچي (رپوٽ: حفيظ ڦلپوٽو) سنڌ حڪومت صوبي ۾ شرپسند داخل ٿيڻ جي خدشي سبب بلوچستان مان پنجن رستن وسيلي سنڌ ۾  داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي. امن امان جي حوالي سان سنڌ حڪومت متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ شرپسند سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي خدشي سبب ڪراچي جي ڀرپاسي گهٽ استعمال ٿيندڙ روڊن تي سفر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. گهرو کاتي جي سفارشن جي روشني ۾ سومر ڳوٺ، سالو ڳوٺ، نور محمد ڳوٺ جي روڊ کي سفر لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دريجي ٽريش روڊ به بند ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي ڪمشنر بلوچستان مان پنجن ئي رستن وسيلي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. اها پابندي رينجرز جي سفارشن تي لڳائي وئي آهي، جنهن تحت ايندڙ 30 ڏينهن انهن رستن کان سنڌ ۾ داخلا تي مڪمل پابندي ھوندي. نوٽيفڪيشن موجب ملير، ويسٽ ۽ ڪياماڙي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پوليس جي مدد سان قانون تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پابندي دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي شھرين کي عباس ڳوٺ، مراد ڳوٺ، وڏيرا ايم ڳوٺ، ويسٽرن باءِ پاس، رئيس ڳوٺ، مين آر سي ڊي هاءِ وي، آفتاب چوڪ، بري چوڪ ۽ بند مراد سميت خدا بخش ڳوٺ وسيلي اچ وڃ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.