” ڊي سي کي هٽايو“ سجاول ۾ شٽر بند هڙتال

سجاول (رپورٽ: امتياز علي سومرو ) آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي سجاول جي سڏ تي ڪالهه ڊي سي سجاول کي ھٽائڻ سميت بنيادي  مسئلن جي حل لاءِ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، جنھن ڪري سجاول شھر جا سڀئي ڪارباري مرڪز صبح کان ٻنپھرن جو ٻارھين بجي تائين مڪمل بند رھيا مختلف سياسي سماجي ۽ شھري اتحاد جي گڏيل آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سجاول شھر جا  علائقا پراڻو بس اسٽاپ شاھي بازار پبلڪ پارڪ اسٽاپ ڪلاٿ مارڪيٽ مڇي مارڪيٽ جامع مسجد چوڪ مامون لاڏو چوڪ پتڻ ناڪي سميت شھر جو سمورو ڪاروبار مڪمل بند رھيو آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين يونس ڀان ڊي سي سجاول جي بدلي سميت ٻين مسئلن لاءِ واپارين ۽ شھرين طرفان شٽر بند ھڙتال کي ڪامياب قرار ڏيندي، حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي، شھرين ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي بيعزتي ڪندڙ ۽ ضلعي سجاول جي مسئلن کان لاتعلق بڻيل ڊي سي سجاول اسماعيل ميمڻ کي فوري ھٽائي سندس ڪيل ڪرپشن جي جاچ نيب کان ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.