طالبان امرالله صالح جي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اڳوڻي نائب صدر امرالله صالح جو ڀاءُ روح الله صالح قتل ٿي ويو.

گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته طالبان امرالله صالح جي ڀاءُ روح الله صالح کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، انهن چيو ته طالبان گذريل ڏينهن روح الله صالح کي قتل ڪيو ۽ ان جي تدفين جي اجازت به نه ڏني.

ٻئي پاسي طالبان اهڙي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته روح الله صالح پنجشير جي ويڙهه دوران مارجي ويو آهي.

واضح رهي ته 15 آگسٽ تي طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ افغانستان جو اڳوڻو نائب صدر امرالله صالح پنجشير هليو ويو هو ۽ طالبان خلاف مزاحمتي فورس جي اڳواڻن سان شامل ٿي ويو هو.

گذريل ڏينهن طالبان پنجشير تي قبضي جو اعلان ڪيو هو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته امرالله صالح فرار ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.