ڪراچي ، ڌاٻيجي ۽ سوئي گئس جون خبرون

ڪراچي کي اهميت ڏيڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهندو:وفاقي وزيرخسرو بختيار

ڌاٻيجي: شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

سوئي گئس :  بجليءَ جي بنا جواز لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جي احتجاجي ريلي

1

وفاقي وزير خسرو بختيار چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ملڪ جي ترقي ڏسڻ چاھيون ٿا ته ڪراچي کي اھميت ڏيڻي پوندي، ڪراچي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪراچيء جي ٽيڪس جو پيسو صنعتي سيڪٽر ۾ لڳايو وڃي ته معيشت 14 بلين کان  30 بلين تائين پھچي سگھي ٿي، ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي خسرو بختيار جو چوڻ هو ته ڪراچي جي بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاء نيشـنل گرڊ مان بجلي ڏني پئي وڃي جيسيتائين ملڪ جي معيشت  6 سيڪڙو تائين نه پھچندي تيسيتائين پاڪستان جي معيشت مضبوط ڪانه ٿيندي ڪراچي جي ايڪسپورٽ وڌائـڻ لاء پيسو خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ھن چيو ته بن قاسم علائقي لاء گرڊ اسٽيشن ٺاهي رھيا آھيون، پاڪستان جي معاشي گروٿ ۾ ڪراچي جو اھم ڪردار آهي، خسرو بختيار چيو ته  اسٽيل مل کي خانگائڻ پيا وڃون جنهن جي پيداوار 10 ميٽرڪ ٽن آهي جنهن کي 30 ميٽرڪ ٽن تائين پھچائـڻ جي ضرورت آهي ، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آء جي ھوندي. ان موقعي تي گورنر سـنڌ چيو ته گريـن لائن منصوبي لاء 40  بسون ڪراچي پورٽ تي پھچي ويون آهن جنهن جو وزيراعظم عمران خان ايندڙ ھفتي ڪراچي جو دورو ڪري افتتاح ڪندو، سنڌ سرڪار گذريل 13 سالن کان ڪراچي جي عوام کي ڪوڙن واعدن ۽ ڏٽن کانسواء ڪجهه نه ڏنو آهي،ھن چيو ته مان سنڌ حڪومت کي ٻيھر چوندس ته ٻيٽن تي تعمير ڪرائڻ تي غور ويچار ڪري.

2

ڌاٻيجي جي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني  ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب منير راڄپر جو  20ورهين جو نوجوان پٽ اسد راڄپر موقعي تي فوت ٿي ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،  ياد رهي ته ڪي اليڪٽرڪ گهارو جي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان سون جي تعداد ۾ غير قانوني ڪنڊا لڳايا  ويا آهن جتان ماهوار لکين روپيا وصول ڪيا وڃن ٿا جنهن سبب هر روز حادثا معمول بڻيل آھين ۽ معصوم جانيون پڻ ضايع ٿين ٿيون.

3

سوئي گيس شهر ۾ بجليءَ جي بنا جواز لوشيڊنگ خلاف شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي شهرين بشير احمد ويسر، آصف علي راڄپر ، ماجد علي ويسر ۽ ٻين علي سي اين جي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ڊي او سيپڪو سب ڊويزن سيٺارجا جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ايس ڊي او سيپڪو سيٺارجا بجلي چوري ڪرائي هٿرادو لوڊشيدنگ ڪري رھيو آھي جنھن سبب سوئي گيس شهر ۾ انهن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رھيو آھي، جڏهن ته رات جو چوريون به معمول بڻيل آهن، هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سوئي گيس شهر ۾ بنا جواز بجلي جي لوڊ شيدنگ ختم ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.