سائنسدانن کي حيران ڪندڙ ڳوٺاڻي جا هٿ ڪيل ڪوئا

 

هن وقت تائين سائنسدانن کي ڪيتريون ئي قدرتي ڳالهيون اچرج ۾ وجهنديون رهيون آهن تنهن هوندي اهڙيون ڪجهه ئي شيون يا ڳالهيون هونديون جن بابت سائنسدان ڪي سبب نه ٻڌائي سگهندا هوندا.

انهن ئي ڪجهه ڳالهين ۾ هڪ ڳالهه ريٽ ڪنگ يا گهٽن ڪوئن جو پڇ پاڻ ۾ ٻڌجي وڃڻ وارو معاملو آهي.

ٿيندو ائين آهي ته ڪجهه ڪوئلن جو پڇ هڪٻئي ۾ پاڻمرادو ٻڌل ڳوليو ويندو آهي جنهن جي ڪري اهي ڪوئا هڪٻئي سان ڳنڍجي ويندا آهن ۽ اهڙي صورتحال کي ريٽ ڪنگ چيو ويندو آهي.

ان معاملي تي سورهين صدي عيسوي ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويو هو پر تازو ئي روس جي هڪ هاري پنج ننڍي ڪوئن کي پاڻ پڇ کان ٻڌل ڳولي لڌو آهي.

اهڙي ڳولا کانپوءِ سائنسدان هڪ ڀيرو ٻيهر مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيا آهن ڇو ته سائنسدان هن وقت تائين اهو ناهن ڄاڻي سگهيا ته انهن ڪوئن جا پڇ ڪهڙي طريقي سان هڪٻئي سان ڦاسي هڪ ڳنڍ جيان بڻجي وڃن ٿا.

سائنسدانن کي اها به خبر ناهي پئجي سگهي ته اهو ڪو قدرتي عمل آهي يا انسانن جو پيدا ڪيل خام خيالي تي ٻڌل مسئلو آهي.

روس جي ٻوڏ ۾ ٻڏل ٻني مان ريٽ ڪنگ جو ملڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ان جي وجود تي بحث جو سبب بڻجي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.