سونارا مارڪيٽ مان بُري خبر، سون مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ به سون مهانگو ٿي ويو.

بلين مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي پنجين ڏينهن ٽريڊنگ دوران سون جي قيمت 2 ڊالر وڌي، جنهن کانپوءِ اهو 1797 ڊالر في اونس جي سطح تي اچي ويو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون اگهن ۾ تبديلي جو اثر پاڪستان تي به پيو، جنهن جي نتيجي ۾ في تولي سون جي قيمت 400 رپيا، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت ۾ 343 رپيا واڌ ٿي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن ٻڌايو ته ملڪ ۾ واڌ کانپوءِ في تولي سون جي نئين قيمت هڪ لک 12 هزار 400 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت 96 هزار 365 رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.