ميرپور ماٿيلو:گهر مان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي گهرڌياڻي زخمي،احتجاج

ميرپور ماٿيلو شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو مندر ڳلي جي سامھون سيٺ وڪرم لعل جي گھر ۾ ڦورو گهڙي پيا، ۽ ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي گهر ڀاتين پاران مزاحمت ڪئي وئي، جنهن دوران ڦورن گهرڌياڻي اجنا ٻائي کي چاڪو هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عورت جي ، رڙين تي ڪيترائي شھري توڙي پوليس وارا پھچي ويا، هوڏانهن گهرڌياڻي اجنا ٻائي کي ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو ، ٻئي پاسي شهر جي هندو برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي پ پ پ مينارٽي ونگ جي اڳواڻ ڪامريڊ ڪڪو رام،  سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ ڪمال مهر، اڪرم ميتلو ۽ ٻين پُڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميرپور ماٿيلو شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو چوريون توڙي ڦرون ٿي رهيون آهن، پر افسوس جو ميرپور ماٿيلو پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتاري نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.