ٽنڊو غلام حيدر: المدينا هوٽل باءِ پاس وٽ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 نوجوان زخمي

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان المدينه هوٽل باءِ پاس وٽ چانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو , جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب 2 نوجوان ڀائر مصطفي چانگ ۽ لونگ چانگ شديد زخمي ٿي پيا،  اطلاع بعد حد جي نظرپور پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي زخمين کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال پهچايو ، جتان ڊاڪٽرن پاران زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي حيدرآباد سول اسپتال اماڻيو ويو جڏهن ته متاثرن جي حد جي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.