هيومن رائيٽس ڪميشن جي رپورٽ پڌري، ڪراچي پهرين نمبر تي

سکر(ويب ڊيسڪ) هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ 2019 ۽ 20 جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 728 غير انساني روين جا ڪيس سامهون آيا.

اهو ڄاڻايو ويو آهي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي ڪراچي شهر رهيو، ميرپورخاص انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان ٻئي نمبر تي رهيو.

هيومن رائيٽس ڪميشن موجب رجسٽرڊ ڪيسن ۾ 335 ڪيس هيومن رائيٽس سوموٽو تحت داخل ڪيا ويا، 393 ڪيس درخواستن تحت داخل ٿيا هئا.

رپورٽ موجب عورتن جي قتل جا 16 ڪيس داخل ڪيا ويا، عورتن سان زيادتين جا 21 ڪيس، هراسمينٽ جا 20، گهريلو تشدد جا 17، اغوا جا 18 سميت ننڍي عمر جي شادين جا به ڪيس داخل ٿيا.

هيومن رائيٽس ڪميشن موجب مردن جا 12 ڪيس داخل ٿيا جڏهن ته ان ڪيٽيگري ۾ زيادتي جا 2 ڪيس داخل ٿيا.

ان سان گڏ هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي پوليس کاتو 440 ڪيس ڪندي پهرين پوزيشن تي رهيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڊي سي آفيس 130 ڪيسن سان ٻئي نمبر تي رهي، جڏهن ته صحت کاتو 52 ڪيسن سان ٽئين نمبر ۽ تعليم کاتو 42 ڪيسن سان چوٿين نمبر تي رهيو.

هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن سان گڏ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ٽوٽل 728 ڪيس رجسٽر ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.