سي سي آءِ فيصلن جي مخالفت، سنڌ حڪومت عدالت وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سي سي آءِ ميٽنگ ۾ سنڌ حڪومت جي منصوبن کي رد ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي  صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ حڪومت جي سستي بجلي واري منصوبن کي رد ڪني 88 سيڪڙو مهانگي بجلي جا منصوبا منظور ڪيا ويا.

هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سي سي آءِ ميٽنگ ۾ سنڌ واري موقف کي مٽائي پيش ڪيو ويو.

صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي منصوبن کي منظور نه ڪرڻ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ تي درخواست ڪئي آهي، سي سي آءِ ميٽنگ ۾ وڏي وزير جي اختلافي نوٽ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي کي باور ڪرايو.

سندس چوڻ هو ته هائيڊل جا منصوبا اي آر اِي پاليسي ۾ شامل ڪيا ويا، پي ٽي آءِ جي حڪومت ڄاڻي واري سنڌ حڪومت جي منصوبن کي نقصان پهچائي رهي آهي.

امتياز شيخ چيو ته مانجهند جو 4 سئو ميگا واٽ جو سستو بجلي پراجيڪٽ منظور ناهي ڪيو ويو، ٿرڪول ۽ اوريڪل ڪمپني جو سستي بجلي وارو منصوبو به منظور نه ڪيو ويو.

صوبائي وزير مطالبو ڪيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بحث ڪرڻ بدران سي سي آءِ جي فيصلن کي منظور نه ڪيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ جي پاڻي، بجلي گيس جي منصوبن کي منظور نٿو ڪيو وڃي، اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته عدالتي آپشن به موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.