ڪوٽڙي:ڪارخانن ۾ مزدور دشمن پاليسين خلاف پورهيتن ۽ ايس ٽِي پي جو مظاهرو

ڪوٽڙي جي ڪارخانن ۾ مزدور دشمن پاليسين خلاف پورهيتن ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو، سائيٽ ايريا ڪوٽڙي ۾ قائم فيڪٽري ڪولگيٽ ۽ فلڪرم جي انتظاميا خلاف مزدورن ۽ سياسي ورڪرن ڪورٽ روڊ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.ايس ٽي پي اڳواڻن يونس اوٺو، ارشاد پنهور، اميردين مگسي، ابراهيم کامڙيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ۽ فيڪٽري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مقامي ماڻهن سان ظلم ٿي رهيو آهي، پورهيتن کي بي دخل ڪرڻ سان گڏ مزدورن کي مقرر اجورو به نٿو ڏنو وڃي، فيڪٽري انتظاميا تعصب جي بنياد تي مقامي ماڻهن کي ملازمت مان ڪڍي ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهي آهي، هنن چيو ته مقامي ماڻهن سان ظلم جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.