آرمي چيف نوٽيس وٺي، ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌار صوبي جو رينگٽ ڪندي ڪي ايم سي لاءِ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو صوبائي حڪومت جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ميئر وسيم اختر چيو ته ڪراچي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي افغانستان جي ڳڻتي آهي، سنڌ جي باري ۾ سوچيو، اهي ڪراچي وارن جا 9 ارب رپيا گڏ ڪري دبئي کڻي ويندا.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جون پاليسيون بيڊ گورننس جو مثال آهن، صوبائي حڪومت ڪنزروينسي ٽيڪس لاءِ پلان جوڙي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ زبردستي ڪنزروينسي ٽيڪس لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيستائين ڪراچي جون حالتون بهتر نه ٿيون ٿين عوام ٽيڪس نه ڏيندو، عوام کان ٽيڪس وٺڻ جي فيصلي خلاف عدالت وينداسين ۽ روڊن تي به نڪرنداسين.

هن چيو ته ٽولز ٽيڪس جو فنڪشن ڪي ايم سي جو آهي پر ان جي رقم ڪي ايم سي کي ناهي ملندي، سنڌ حڪومت شهر مان وصول ٿيندڙ ٽيڪس جو قانوني هڪ سيڪڙو ڪي ايم سي کي نه پئي ڏئي، ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدو هڪ چونڊيل مڪاني حڪومت ڪري سگهي ٿي، اهو ايڊمنسٽريٽر جو ڪم ناهي، ڪي اليڪٽرڪ ان ٽيڪس تي ناجائز سروس چارجز به وصول ڪندي، اسان تنبيهه ٿا ڪيون ته اهڙي عمل کان پاسو ڪيو.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ سنڌ صوبي ۽ ڌار سيڪريٽريٽ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪرپشن جي انتها ٿي چڪي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان، صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪراچي سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.