اسلام ڪوٽ: ڊگري ڪاليج پاڙي ۾ ٺاهڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ڊگري ڪاليج پاڙي اندر ٺاهڻ خلاف رهواسين پاران احتجاج ڪيو ويو، شهري وريام لنجو،اشرف سمون،روشن گرناڻي،صديق بجير،نواز سومرو،عبدالغني بجير ۽ ٻين چيو ته پاڙي ۾ ڊگري ڪاليج ٺاهي بجير برادري کي لڏائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ، هنن چيو ته هاءِ اسڪول جي ننڍڙي گرائونڊ تي ڪاليج ٺهي نه ٿي سگهي، ،پاڙي کان ٻاهر ڪٿي کليل ميدان ۾ ٺاهي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪاليج ڏيپلو،ننگرپارڪر يا ميهاري روڊ تي ٺاهيو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته ڪاليج جي پاڙي کان ٻاهر منتقلي تائين احتجاج جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.