ميهڙ: رفيق احمد جمالي جي صدارت ۾ پ پ دادو جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس

پ پ پ ضلعي دادو جي صدر رفيق احمد جمالي جي صدارت ۾ پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اھم اجلاس جمالي ھائوس دادو ۾ ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي رفيق احمد جمالي چيو ته پارٽي جا ورڪر پارٽي جو سرمايو آهن، پارٽي ھميشہ ورڪرز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، اسين اڄ به ورڪرز جي محنت، ھمت کي قدر جي نگاھ سان ڏسون ٿا،  پاڪستان پيپلزپارٽي جا اصل وارث نظرياتي ورڪر ڀٽو ازم جا پيروڪار آھن، ان موقعي تي هن پي پي پي يوسي پٽ گل محمد جي نئين مقرر ٿيل جنرل سيڪريٽري دلدار مستوئي کي اجرڪ پارائي ان کي عھدو ملڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري سردار غلام دستگير ڳورڙ ،سينئر نائب صدرغلام شبير ابڙو،سيد محمد شاھ ممتاز علي جوکيو ۽ ٻيا موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.