وفاقي حڪومت کليل نموني چيف اليڪشن ڪمشنر جي مخالفت ۾ سامهون اچي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر اپوزيشن جو ترجمان بڻيل آهي، هو نواز شريف سان ويجهي رابطي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي ۽ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو اسان واعدو ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن کي آزاد، منصفاڻو ۽ شفاف بڻائينداسين، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ به سڌارن لاءِ ڪميشن ٺاهي وئي، اليڪشن ڪميشن تڪراري رهي آهي، ان جو منطق عجيب آهي.

هن چيو ته ڪير به اليڪشن ڪميشن مان مطمئن ناهي، اپوزيشن کي چيوسين ته آئين چونڊ سڌارن تي ڳالهيون ڪيون، شفاف چونڊن لاءِ اسان ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سميت سڀني ادارن کي قانون موجب هلڻو پوندو، اسان ڀرپور نموني چونڊن جي طريقي ڪار جو جائزو ورتو آهي، جڊيشل ڪميشن اليڪشن ڪميشن جي طريقي ڪار ۽ ڪردار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، چونڊ سڌارن جو مسودو پارليامينٽ کڻي وياسين، اپوزيشن کي به ڳالهين جي دعوت ڏني سين.

فواد چوڌري چيو لڳي ٿو اليڪشن ڪميشن اپوزيشن جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر اپوزيشن جو ترجمان بڻيل آهي، هو نواز شريف سان ويجهي رابطي رهيو آهي.

واضح رهي ته سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام هڻندي چيو ته اليڪشن ڪميشن  حڪومت جو مذاق اڏائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن پئسا پڪڙي رکيا آهن، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي جمهوريت کي تباهه ڪرڻ جي ضامن آهي.

اعظم سواتي جي اهڙي بيان جي پ پ ۽ ن ليگ طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس سومر تي طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.