گهريلو ”فَيس ڪلينر“ ٺاهي چهرو صاف ڪيو

چهرو صاف سٿرو رکڻ سان نه رڳو ماڻهو پنهنجي دوستن، پيارن ۽ عزيزن جي وچ ۾ فخر سان رهندو آهي پر پنهنجو پاڻ کي تازو ۽ هلڪو به محسوس ڪندو آهي.

عورتن توڙي مردن جي سڄي ڏينهن جي سخت محنت، اُس ۽ گرمي ۾ ڪم ڪرڻ، دونهين ۽ مٽي سميت ٻئي ٻاهرين آلودگي جي ڪري چمڙي خاص ڪري چهرو خراب ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري چهري تي مِٽي جو بار ۽ ٿڪ محسوس ٿيندو آهي.

چهرو خراب ٿيڻ سان خوبصورتي به رونق وڃائي ويهندي آهي ۽ چهري جي سارسنڀال نه ڪجي ته ٿوري عرصي کانپوءِ چهرو اهڙو بگڙي ويندو جو وري انکي پهرين جهڙو ڪرڻ ڪجهه ڏکيو بڻجي ويندو آهي.

اهڙي ئي قسم جي مسئلن مان ڇوٽڪاري لاءِ اسان اڄ هتي اوهان لاءِ هڪ اهڙو سولو نسخو کڻي آيا آهيون جنهن کي توهان استعمال ڪري نه رڳو پنهنجي چهري کي صاف ۽ هلڪو بڻائي سگهو ٿا پر ان کي خوبصورت، تازو، رونقدار ۽ پرڪشش به بڻائي سگهو ٿا.

اهو هڪ ئي نسخو توهان کي ڪلينر، فريشنر ۽ ڪنهن نائيٽ ڪريم کان وڌيڪ فائدا ڏئي سگهي ٿو.

شيون

کِير

هيڊ

استعمال جو طريقو

ڪچي کير ۾ هڪ چپٽي هيڊ ملائي وٺو.

ٿي ويو تيار توهان جي لاءِ بهترين ڪلينر ۽ فريشنر.

ان کي صحيح طريقي سان توهان پنهنجي چهري توڙي چپن تي مکيو، ٿوري دير کانپوءِ پنهنجي چهري کي صاف ڪيو اهو مڪسچر توهان جي چهري تي قدرتي ڪلينر جو ڪم ڪندو ۽ خشڪ ۽ ڦاٽل چپن کي نرم ۽ گلابي بڻائڻ ۾ به مدد ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.