مٺياڻي ، ڪنڌڪوٽ ، قمبر ۽ گمبٽ جون خبرون

مٺياڻي: پرائمري اسڪول ميرمحمد چانڊيو جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ: گلشير محلا جي رهواسي شيخ برادري جو پوليس خلاف احتجاج

قمبر ۾صفائي نه ٿيڻ ۽ نالين جو پاڻي اٿلي پوڻ خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج

ڪنڌڪوٽ:صوبائي وزيراڪرام الله ڌاريجو پاران کلي ڪچهري،شڪايتن جا انبار

گمبٽ: صحافين کي ڌمڪيون ملڻ ، لائبريريون بند رکڻ ۽ گندگي خلاف مظاهرو

1

مٺياڻي ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير محمد چانڊيو ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ھڪ استاد علي اڪبر ڪھو ۽ ھڪ  معصوم شاگرد عديل زخمي ٿي پيو ،  ان موقعي تي اسڪول جي ھيڊ ماسٽر الطاف حسين چانڊيو ٻڌايو تـ ڪيترائي ڀيرا ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگردن ۾ حراس پکڙجي ويو آھي جنھن ڪري شاگرد اسڪول اچڻ لاء تيار ناھن ـ هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي نئين بلڊنگ الاٽ ڪري ھتان جي استادن ۽ شاگردن ۾ پيدا ٿيل غير يقيني واري صورتحال کي ختم ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو.

2

ڪنڌڪوٽ ۾ گلشير محلا جي رھواسي شيخ برادري پاران ايس ايڇ او اي سيڪشن الياس اوڍو جي زيادتين خلاف محمد سچل شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته اي سيڪشن ايس ايچ او بنا جواز سندس پٽ شاھد شيخ کي ڪوڙي موبائيل چوري جي الزام هيٺ هاف فرائي ڪري ظلم ڪيو آهي ،  ھنن چيو ته سندن پٽ وڪيل منير احمد بجاراڻي وٽ منشي آهي جنھن کي پوليس ڪورٽ ٻاهران کڻي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو رت گھڻو وهي ويو آهي ، احتجاج ڪندڙن وزير اعلي سنڌ، سيد مراد علي شاهه، آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ، ايس ايس پي  امجد احمد شيخ کي اپيل ڪئي ته شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

3

قمبر فرينڊس ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران شهر ۾صفائي نه ٿيڻ ۽ نالين جو پاڻي اٿلي روڊ تي بيهڻ خلاف  ٽئين ڏينهن به شهداء چؤڪ تي سڪندر جهنڊير، خالد حسين مارفاڻي، اياز جمال چانڊيو، مير حسن چانڊيو، اياز ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪندي هٿن ۾ توا کڻي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر سمورو گندگي جي ڍير ۾تبديل ٿي چڪو آهي ۽ نالين جو پاڻي اٿلي روڊ تي ۽ گهٽين ۾ بيهڻ سبب شهرين کي سخت اذيت مان گذرڻو پوي ٿو ۽ شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر اي سي قمبر ۽ ميونسپل عملدارن جي ڪن تي جوء به ڪا نه ٿي چري، هنن مطالبو ڪيو ته شهر اندر سمورن محلن ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

4

ڪنڌ ڪوٽ  ۾ صوبائي وزير اڪرام الله ڌاريجو پاران کلي ڪچهري ۾ شهرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، شهرين شڪايتون ڪيون ته ڪنڌ ڪوٽ جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي ، شھر جي اسڪولن ۾ سھولتون نه آهن ڪجھ سالن کان اي ڊي پي اسڪيمون نه ٿيون ٿين ،شهرين ٻڌايو ته ووڪيشنل گرلس ڪاليج جو ڪم بند پيل آهي،سول اسپتال ۾ ايمرجنسي سھولتون نه آهن، ليڊي ڊاڪٽر جي کوٽ آهي ،  شهرين مطالبو ڪيو ته ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي ۾ ڏوھارين جي خلاف ٽارگيٽڊ  آپريشن ڪري ڏوھارين جو خاتمو ڪري امن بحال ڪرايو وڃي ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.