سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 27 فوتگيون ۽ 1082 نوان ڪيس رپورٽ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 27 مريض فوت ٿي ويا ۽ 1082 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

ڪورونا صورتحال تي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 27 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7116 تائين پهچي ويو آهي، جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي.

هن ٻڌايو ته وڌيڪ 21002 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 1082 ڪيس معلوم ٿيا، جيڪي 5.2 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن.

سندس چوڻ هو ته هيستائين 5719473 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 443038 ڪيسن جي تشخيص ٿي چڪي آهي، انهن مان 87.4 سيڪڙو يعني 386998 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 632 مريض پڻ شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته هن وقت 48924 مريض علاج هيٺ آهن، انهن مان 48115 گهرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 769 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

هن وڌيڪ چيو ته 689 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن ۾ 57 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

بيان موجب 1082 نون ڪيسن مان 456 ڪراچي جا آهن، جن ۾ ضلع اوڀر 189، ضلع ڏکڻ 127، ضلع سينٽرل 62، ملير 32، ڪورنگي 28 ۽ اولهه 18 شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ 140، سجاول 38، ٽنڊوالهيار 33، بدين 32، ٺٽو 31، سانگهڙ 30، گهوٽڪي 29، سکر 25، دادو 23، شڪارپور 22، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص 21-21، شهيد بينظير آباد 20، نوشهروفيروز 19، مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان 18-18، ڄامشورو ۽ قمبر 17-17، خيرپور 14، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻو 9-9، جيڪب آباد 8، عمرڪوٽ 7 ڪيس آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.