سنڌ ۾ عورتن سان زيادتي ڪيسن جي جاچ ۾ ٽو فنگر ٽيسٽ ختم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي عورتن سان زيادتي ڪيسن جي جاچ لاءِ ٽو فنگر ٽيسٽ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورتن سان زيادتي جي ڪيسن جي جاچ ۾ ٽو فنگر ٽيسٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو ته زيادتي جي ڪيسن جي جاچ لاءِ ٽو فنگر ٽيسٽ ختم ڪئي وئي آهي.

ان موقعي تي صحت اختيارين ٽيسٽ جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن به عدالت ۾ پيش ڪيو.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صحت کاتي طرفان 220 عورت ميڊيڪل ڊاڪٽرز جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي.

عدالت ٽيسٽ جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن ۽ عورت ڊاڪٽرز جي ڀرتي بابت حڪومتي جواب کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي آئيني درخواست اڪلائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.