شاهه محمود قريشي جي عالمي برادري کي افغانستان لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عالمي برادري کي افغانستان ۾ معاشي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ڇو ته افغانستان ۾ معاشي بحران ڪنهن جي حق ۾ ناهي.

اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ اسپين جي هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ۽ چيو ته اسپين جي پرڏيهي وزير سان افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين جا مقصد هڪ جهڙا آهن ۽ ٻئي ملڪ امن جا خواهشمند آهن.

افغانستان جي صورتحال تي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ جٽادار امن خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ معاشي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي افغانستان ۾ معاشي بحران ڪنهن جي حق ۾ نه آهي.

هن چيوته اسان کي افغانستان کي انساني بحران جي صورتحال کان بچڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته عالمي برادري افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار  ادا ڪري، پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو رهندو.

پرڏيهي وزير اپيل ڪئي ته عالمي برادري ۽ ادارا افغانستان لاءِ مختص فنڊ بحال ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.