”افغان ڇوڪرين جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي“

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي چيو آهي ته افغانستان ۾ سڀني ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ملاله يوسفزئي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان لاءِ ضروري آهي ته ڇوڪريون تعليم حاصل ڪن ۽ سلامتي ڪائونسل ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته افغان ڇوڪرين ۽ عورتن جي حقن جو تحفظ ٿئي.

پاڪستان جي نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي وڌيڪ چيو ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي واڌو مدد ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.