دوائن بنا هاءِ بلڊ پريشر جو مسئلو حل

 

زندگي ۾ گهڻي قدر ماڻهو گهٽ وقت هجڻ جي ڪري کائڻ پيئڻ ۾ بي احتياطي، گهمڻ ڦرڻ ۽ ورزش ڪرڻ ۾ گهٽتائي ۽ ذهني دٻاءَ جي ڪري بلڊ پريشر جو شڪار ٿي ويندا آهن.

اهي هاءِ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ مختلف دوائون استعمال ڪندا آهن جنهن سان ٻين خطرناڪ مرضن ٿيڻ جا به خدشا وڌي ويندا آهن.

صحت جا ماهر بلڊ پريشر تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گهريلو نسخن جا مشورا ڏيندا آهن جيڪي بلڊپريشر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، انهن گهريلو نسخن سان بلڊ پريشر جي مرض ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ماکي هڪ اهڙي غذا آهي جيڪا قدرتي طور مِٺي هجڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ئي بيمارين جي علاج لاءِ به استعمال ٿيندي آهي جن ۾ ڳلي جو سُور، پراڻي کنگهه ۽ اڌ رنگو به شامل آهن.

ماکي ۾ موجود ڪاربوهائيڊريٽ دل ڏانهن رت جي پريشر کي گهٽائيندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن تائين رات جو سمهڻکان اڳ هڪ گلاس هلڪو گرم کير ۾ ٻه چمچا ماکي ملائي پيئڻ سان بلڊ پريشر جهڙي بيماري کان بچي سگهجي ٿو.

اهي خطرنا جز جيڪي شريانن کي سخت ڪرڻ جو سبب بڻبا آهن انهن جي علاج لاءِ ٿوم تمام گهڻي فائدي مند آهي، هاءِ بلڊ پريشر ۾ ڪچي ٿوم جي هڪ ڳڙي روز کائڻ سان تمام جلد بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.

انکانسواءِ ٿوم هاءِ ڪولسٽرول ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو علاج به ڪندي آهي ۽ شريانن ۾ پليٽيليٽس کي جمع ٿيڻ کان روڪڻ سان گڏ دل تي گهڻي رت جي پريشر سان وڌندڙ اثرن کان به روڪيندي آهي.

صحت جي ماهرن چيو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر جا مريض روز هڪ يا ٻه ڪيلا کائين ته ان سان به مرض کي قابو ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ڪيلا غذائي شين ۽ پوٽيشيم سان به ڀرپور هوندو آهي جيڪو اسان جي جسم ۾ 10 سيڪڙو کان مٿي سوڊيم جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿو ۽ گردن جي حفاظت ۾ به ڪردار ادا ڪندو آهي.

ڪاري مرچن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي سيپٽڪ خاصيتون هونديون آهن جنهن سان رت جي وهڪري کي سڄي جسم تائين فراهمي ملندي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته بلڊ پريشر جي شرح کي قدرتي طور تي گهٽ سطح تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

انکانسواءِ روز بصر استعمال ڪندڙ مريضن جو بلڊ پريشر وائون استعمال ڪندڙ مريضن جي مقابلي ۾ بهتر هوندو آهي، ڇو ته بصر اينٽي آڪسيڊنٽ مادن سان ڀريل هوندي آهي جيڪا ذيابطيس ۽ ڪينسر جهڙي بيمارين منهن ڏيڻ لاءِ به انساني جسم کي مدد فراهم ڪندو آهي.

ان سان گڏ هرٻو سياري جي موسم جي اها سبزي آهي جنهن ۾ وٽامن اي، بي سي، آئرن، فاسفورس ۽ ڪيلشيم وڏي  مقدار ۾ موجود آهن. پاڪستان ۽ هندستان ۾ هرٻي کي کاڌي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان جا نه رڳو پَنَ پر ٻِج به علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ڇو ته هرٻي جي داڻن ۾ وڏي مقدار ۾ پوٽيشيم بلڊ پريشر کي وڌائڻ کان روڪيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.