هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هڻندڙ بيٽسمين جا نوان رڪارڊ قائم

 

هن وقت تائين ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڏکڻ آفريڪي رانديگر هرشل گبز هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا آهن.

هرشل گبز دنيا جو واحد ڪرڪيٽر هو جنهن سڄي اوور ۾ ڇڪا هڻي پنهنجو نالو پهرين نمبر تي لکرايو هو.

هاڻي آمريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين جسڪرن ملهوترا به ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ هڪ اوور جي ڇهني بالن تي ڇهه ڇڪا هنيا آهن.

جسڪرن ملهوترا هرشل گبز کانپوءِ ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هڻندڙ ٻيو بيٽسمين بڻجي ويو آهي.

جسڪرن ملهوترا پاپوا نيوگني ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ون ڊي ميچ ۾ مخالف ٽيم جي بالر گائوڊي ٽوڪا کي هڪ اوور جي ڇهني بالن ۾ ڇهه ڇڪا هنيا هڻڻ وارو ٻئي نمبر تي جڏهن ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جو چوٿين نبمر تي بيٽسمين بڻجي ويو.

آمريڪي بيٽسمين پاپوا گني خلاف 173 رنز ناٽ آئوٽ جي شاندار اننگ کيڏي ۽ آمريڪا طرفان ون ڊي انٽرنيشنل ۾ آمريڪا طرفان ون ڊي انٽرنيشنل ۾ سينچري هڻندڙ پهريون رانديگر به بڻجي ويو.

هن جي شاندار اننگ ۾ 16 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا.

انکان اڳ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هڻندڙ بيٽسمينن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو هرشل گبز، ڀارت جو يووراج سنگهه ۽ ويسٽ انڊيز جو ڪيرن پولارڊ شامل هئا.

يووراج سنگهه ۽ ڪيرن پولارڊ ٽي 20 ميچن ۾ اهي ڪارناما سرانجام ڏنا هئا.

ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ جسڪرن ملهوترا کان اڳ هرشل گبز واحد بيٽسمين آهي جنهن ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هنيا.

هرشل گبز 2007 ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊ خلاف هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.