اعظم سواتي جي الزامن تي چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهم فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر وفاقي وزير اعظم سواتي جي الزامن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن موجب اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش آيل واقعي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي آگاهه ڪيو.

ان معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن ڪميشن جو خاص اجلاس سومر تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سڀني ميمبرن کي شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان ڊي جي لا کي قانوني آپشنز تي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام هڻندي چيو ته اليڪشن ڪميشن  حڪومت جو مذاق اڏائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن پئسا پڪڙي رکيا آهن، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي جمهوريت کي تباهه ڪرڻ جي ضامن آهي.

اعظم سواتي جي اهڙي بيان جي پ پ ۽ ن ليگ طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.