حڪومت ادارن کي ڌمڪيون پئي ڏئي ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي باهه لڳائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز لکيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي باهه لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي، اسان ادارن تي نه پر رڳو انهن ۾ لڪل ناڪاري ڪردارن تي تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته هتي حڪومت سڄي اداري کي باهه ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.