قومي ٽيم جو نئون ڪوچ ڪير هوندو، پرڏيهين سان رابطا

 

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ جي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پرڏيهي ڪوچ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بورڊ جي نئين امڪاني چيئرمين رميز راجا ان حوالي سان ڪيترنئي ڪوچن سان رابطي ۾ آهي.

مصباح الحق ۽ وقار يونس جي پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ کان دستبردار ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لاءِ اهو امتحان وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي.

ورلڊڪپ پاڪستان ٽيم لاءِ هڪ اهم ترين اسائنميٽن آهي جنهن جي لاءِ بورڊ جوامڪاني چيئرمين رميز راجا گهڻو سنجيده نظر اچي رهيو آهي ۽ اها ڳالهه هاڻي يقيني آهي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون ڪوچ ۽ اسٽاف جو مددگار غير ملڪي هوندو.

رميز راجا ڪيترن ئي پرڏيهي ڪوچن سان رابطي ۾ آهي ۽ ذريعن موجب پي سي بي اختياريون پيٽر مورز سميت ڪيترن سان ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

ذريعن موجب رميز راجا پروفيشنل ازم کي ترجيح ڏيندي اهڙي ڪوچنگ ٽيم آڻڻ چاهي ٿو جيڪا پاڪستان ٽيم کي مڪمل طور تبديل ڪري.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين هيڊ ڪوچ ۽ سندس ساٿين جي مقرري ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو گهربل آهي ان لاءِ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ نئين ڪوچ جي مقرري ڏکي ڳالهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.