ڪورونا وڌيڪ 83 حياتيون کسي ورتيون، ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 83 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 61 هزار 128 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3689 ڪيسن جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 11 لک 97 هزار 887 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.03 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

بيان موجب هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا، ائين فوتين جو مجموعي انگ 26 هزار 580 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3755 ڄڻا وائرس مان صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 79 هزار 867 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 91440 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.