اليڪشن ڪميشن تي الزام، پ پ جو حڪومت کان معافي جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ وفاقي وزير اعظم سواتي طرفان اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزامن جي مذمت ڪندي حڪومت کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر اليڪشن ڪميشن تي الزامن تي ردعمل ۾ چيو ته حڪومت جو هڪ آئيني اداري تي پئسا پڪڙڻ جو الزام شرمناڪ آهي، عمران خان جي حڪومت اختلاف رکندڙن تي ڪِريل الزامن جو سلسلو جاري رکيو پئي اچي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي جائز اعتراضن تي جواب نه هو ته الزام هنيو ويو.

هن چيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر اي سي پي جي ساک بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت کي الزامن جا ثبوت پيش ڪرڻا پوندا، حڪومت ثبوت سامهون آڻي کان پارلياماني ڪميٽي ۽ قوم کان معافي گهري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.