شهباز شريف حڪومتي وزيرن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف سينيٽ ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن تي الزامن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو آئيڊيا رد ٿيڻ تي حڪومت ڌمڪين تي لهي پئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت وٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان دليل نه ڌمڪيون آهن، ثابت ٿي ويو ته حڪومت وٽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اٿندڙ فني ۽ ٽيڪنيڪي سوالن جو ڪو جواب ناهي، اليڪشن ڪميشن جي اٿاريل ٽيڪنيڪي ۽ قانوني اعتراضن ۽ شفافيت جي مسئلن جي نشاندهي تي حڪومت جو جواب نه ڏئي سگهي.

هن چيو ته اڳ ۾ پارليامينٽ ۾ قانون سازي کي بلڊوز ڪيو ويو ۽ اڄ حڪومتي رويي تي اليڪشن ڪميشن نمائندن کي واڪ آئوٽ ڪرڻو پيو، وزيرن جا ادارن کي باهه ڏيڻ ۽ انهن کي جهنم ۾ وجهڻ جا بيان رياسٽ دشمن رويو آهن، اهو رويو دهشتگرداڻو ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي.

واضح رهي ته سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام هڻندي چيو ته اليڪشن ڪميشن  حڪومت جو مذاق اڏائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن پئسا پڪڙي رکيا آهن، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي جمهوريت کي تباهه ڪرڻ جي ضامن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.