عمر شريف لاءِ 24 ڪلاڪ انتهائي اهم، دعا جي اپيل

 

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف جي گهرواري زرين عمر سندس مداحن کي پنهنجي مڙس جي صحت دعا جي اپيل ڪئي آهي.

فيس بوڪ تي عمر شريف جي تصديق ٿيل پيج تي سندس گهرواري زرين عمر طرفان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته عمر شريف جي لاءِ هلندڙ 24 ڪلاڪ انتهائي اهم آهن.

زرين عمر مداحن کان اپيل ڪندي چيو ته منهنجي مڙس حڪومت کان مالي نه پر سفر جي سهولتن جي مدد گهري آهي.

ان حوالي سان عمر شريف جي پُٽ جواد عمر چيو آهي ته والد دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي، ٽي ڏينهن اڳ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، والد جو علاج آمريڪا ۾ ممڪن آهي، ڪورونا جي ڪري سفري تڪليفون ٿي رهيون آهن.

جواد عمر چيو ته وزيراعظم کان ويزا ۽ سفر جي سهولت جي مدد گهري آهي، جيترو جلد ٻاهرين ملڪ وڃڻ ممڪن هجي انتظام ڪيو وڃي، دير نٿا ڪري سگهون، دعا ڪيو ته عمر شريف هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي چهرن تي مرڪون آڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.