نيپرا بجلي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجيل اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب فيول چارجر ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 38 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان هڪ رپيو 47 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي هئي ۽ اٿارٽي پهرين سيپٽمبر 2021 تي ايف سي اي جي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي.

نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ واڌ رڳو سيپٽمبر مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي ۽ اها لائف لائن واهپيدارن کانسواءِ ڊسڪوز جي سڀني واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.