سڌارت کانپوءِ هڪ ٻئي بگ باس ڪنٽسٽنٽ جي مرڻ جون خبرون

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار ۽ ريئلٽي شو بگ باس 13 جو فاتح سڌارٿ شڪلا جي اوچتي موت کانپوءِ بگ باس جي وڌيڪ هڪ اڳوڻي ميمبر جي موت جون خبرون هلي رهيون آهن.

سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هريانا سان واسطو رکندڙ ڊانسر ۽ بگ باس جي ڪنٽسٽنٽ سپنا چوڌري هريانا جي علائقي سرسا ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي.

انکانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ان خبر تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو پر هاڻي ان حوالي سان حقيقت سامهون آئي آهي ته ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ سپنا چوڌري جي موت واري خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سپنا جي ويجهي ساٿي فنڪار ديو ڪمار ديوا خبر کي ڪوڙو قرار ڏيندي ٻڌايو آهي ته سپنا جي موت واري خبرن ۾ سچائي ناهي، هن جو ڪو به ايڪسيڊنٽ ناهي ٿيو هوءَ مڪمل طور محفوظ آهي.

ان حوالي سان سپنا چوڌري به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائوڻٽ تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بگ باس جي اڳوڻي ڪنٽسٽنٽ صحيح سلامت آهي.

You might also like
2 Comments
  1. same says

    نه توهان ڪرڻ ڇا ٿا چاهيو، پهريان ئي سڌارت جو ڏک گهٽ آ جو وري وتو ٿا دل دهلائيندا

    1. Raja Mubbashir says

      ادا سائين اسان رڳو هيڊنگ ناهيون رکندا، توهان دل دهلجڻ کان اڳ ۾ سڄي خبر پڙهندا ڪيو ۽ پو فيصلو ڪندا ڪيو

Leave A Reply

Your email address will not be published.