ڪنڌڪوٽ ۾ٿاڻي جي عمارت ڊاهڻ خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاسنڌي)ڪنڌڪوٽ ڪچي ۾ ھيبت خان باجڪاڻي پوليس ٿاڻو تيار ٿيڻ بعد روڊ تعمير ڪرڻ جي آڙ ۾ امڪاني ڊاھڻ واري عمل خلاف آفتاب ھيبت باجڪاڻي جي سڏ تي سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب جي آڏو آفتاب ھيب خان باجڪاڻي، بار صدر سڪندر علي شاهه، فقير يار محمد سھرياڻي، وڪيل سيد زاھد شاهه، وڪيل در محمد سبزوئي، محمد عالم،  محمد اسلم جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو انھي دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي آفتاب ھيبت خان باجڪاڻي چيو ته ھي ٿاڻو ڪچي جي انھي روڊ تي قائم آهي جتان ڪجهه عرصو اڳ ڏوھاري بنا ڪنهن خوف جي شھر اچ وڃ ڪندا ھيا ۽ شريف ڳوٺاڻا جيڪي شھر مان مزدوري ڪري واپس ڳوٺ ويندا ھيا ته ڏوھاري سامان ۽ مزدورن کان ڏھاڙي جي رقم ڦر ڪندا ھيا جيڪو ٿاڻي ھڪ اڻٿڪ جدوجھد ڪرڻ بعد منظور ڪرائي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو جنهن کي ڪجهه سازشي عناصر ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل جو روڊ تعمير ڪرڻ جي آڙ ۾ ڊاھڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن روڊ کي موڙ ڏيڻ بدران جديد دور جو تعمير ٿيل ڊبل اسٽوري جو ٿاڻو ڊاھڻ غلط عمل آهي ٿاڻي انھي ھنڌ تي ھجڻ سان علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر رھندي ھتان جي عوام پرامن زندگي گذاريندي جنهن ڪري ٿاڻي جي بلڊنگ کي بچائڻ لاء پوري سنڌ سميت صوبائي گادي جي ھنڌ، پاڪستان جي گادي واري ھنڌ اسلام آباد ۾ به احتجاج ڪيو ويندو اسان جو صرف ھڪ ھي مطالبو آهي ته ٿاڻي کي ڊاھڻ کان روڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.