لاڙڪاڻي ۾ عورت تي تشدد، گهر ۾ قيد، مڙس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا جي رهواسڻ شادي شده عورت مڙس جي مبينا زيادتين خلاف گهر ڀاتين سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي خالدہ سمون پنهنجي امڙ لطيفان، پيءُ ذوالفقار تنيو، ڏاڏي سبحان خاتون، پڦي شمشاد خاتون، امتياز خاتون، ڀاءُ امام الدين ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته 6 مهينا اڳ دلالن حاجي ڀورو ۽ قمر جوڻيجو جي معرفت منهنجي شادي رتوديرو شهر جي عمراڻي پاڙي جي رهواسي استاد ديدار حسين سمون سان ٿي هئي. هن الزام لڳايو ته شادي بعد مڙس مون مٿان شڪ ڪندي مون کي گهر ۾ قيد ڪرڻ سان گڏ تشدد جو نشانو بڻائيندو هو پر ان جي باوجود مون پنهنجي گهر وارن کي مڙس جي ظلم خلاف ڪجهه به نه ٻڌايو. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته هفتو اڳ لاڙڪاڻي ۾ منهنجي مرحوم ڀاءُ غلام حسين تونيو جي ٻارهين جي ماني هئي جنهن تي منهنجو پيءُ ذوالفقار تونيو مون کي رتوديرو مان لاڙڪاڻي وٺي آيو جتي گذريل 2 سيپٽمبر تي مڙس ديدار حسين سمون پنهنجي ٻن هٿياربندن سان گڏجي پيءُ جي گهر ۾ گهڙي مون کي پنهنجي سئوٽ علي گل تونيو سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي هن منهنجي پيءُ ۽ ننڍي ڀاءُ امام الدين کي مارڪٽ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو ,پوليس مڙس کي گرفتار ڪري رات جي وقت لاڪپ ۾ رکي صبح جي وقت کانئنس ڳري رشوت وٺي کيس آزاد ڪري ڇڏيو پر هن وقت تائين حملي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو جنهن ڪري مڙس مسلسل مون سميت منهنجي گهر ڀاتين کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، آءِ جي ۽ ايس ايس پي تحفظ ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.