سکر ۾ مسئلن جي حل لاءِ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي ڌرڻو

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) شهر جي مسئلن جي حل ۽ لاڳاپيل کاتن جي نااهلي ۽ لاپرواهي خلاف آل پارٽيز الائينس سکر ۾ شامل مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، واپاري جماعتن جي اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي تعداد نمائش چوڪ پراڻي سکر وٽ  مشرف محمود قادري، حافظ محبوب علي سهتو، خورشيد ميراڻي، محمد اعظم مهر، ڪاشف قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ سکر جي ڪيترن ئي علائقي ۾ نيڪال سسٽم ۽ صفائي سٿرا جو نظام خراب هجڻ خلاف سکر جي چونڊيل نمائندن سميت ميونسپل انتظاميه ۽ لاڳاپيل کاتن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سکر شهر کي هڪ سازش تحت کنڊر بڻايو پيو وڃي، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ صفائي سٿرائي جو نظام ناڪارا ٿي چڪو آهي، شهر ۾ جڳهه جڳهه گٽرن جو پاڻي بيٺل آهي ۽ سکر شهر جي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ناهين ملي رهيو، هنن اعليٰ اختيارين سميت چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سکر شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ جو نوٽيس ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.