صحافي نصير نهڙيو جي وڇوڙي تي ٽنڊو الهيار پريس ڪلب 3 ڏينهن بند، سوڳ جو اعلان

ٽنڊو الهيار ( ڊر ) صحافي نصير نھڙيو جي اوچتي وڇوڙي تي سوڳ ۾ ٽن 3 ڏينهن لاءِ ٽنڊوالھيار پريس ڪلب کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن نصير نھڙيو جي وڇوڙي تي پنهنجا ويچار ڏيندي ھتان جي پ پ اڳواڻ رئيس غلام قادر مري چيو ته  نصير نھڙيو جي اوچتي وڇوڙي تي مون کي ڏاڍو صدمو رسيو آهي، نصير نھڙيو جھڙا صحافي سون ۾ گھٽ ملندا ، نصير جي وڃڻ سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اھو ڀرجڻ ڏکيو آهي، مرحوم غريب ماڻهو جي حقن لاءِ ھر وقت آواز اٿاريو آهي، الله پاڪ مرحوم کي جوار رحمت جڳھه ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي، ٻئي پاسي صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز سيد ضياءَ  عباس شاھ رضوي ، اڳوڻي ايم اين اي عبدالستار بچاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي اڳواڻ افضل جسڪاڻي،سائين عبدﷲ جروار، ۽ ٻين نصير نھڙيو جي وڇوڙي تي پنهنجا ويچار ڏيندي چيو ته  اسان کي ڏاڍو ڏک پھتو آهي، نصير نھڙيو  جھڙا پنهنجي پيشي سان مخلص ماڻهو گھٽ پيدا ٿيندا آهن، نصير نھڙيو جھڙا صحافي گھٽ ملندا ۽ سندس خال ڪڏهن به پورو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.