لاڙڪاڻي ۾ زمين تي قبضي خلاف عورت جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو شهر جي قاضي پاڙي جي رهواسي عورتن زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي صغريٰ خاتون موريو پنهنجي پڦي بلقيس موريو سان گڏجي دانهيو ته منهنجي مرحوم پيءُ واحد بخش موريو سميت مرحوم چاچن قادربخش ۽ احمد بخش جي نالي تي نئون ديرو جي ديهه شادي اگهم ۾ 13 جريب 6 ويسا زرعي زمين آهي، فوتي ٻنهي چاچن کي هن وقت ڪا به اولاد ناهي تنهن ڪري آءُ ڄاڻايل زرعي زمين جي اڪيلي وارث آهيان، ان زرعي زمين تي اسان ساريون، ڪڻڪ ۽ ٻيا مختلف فصل ڪري پيٽ گذر سفر ڪندا آهيون. هن الزام لڳايو ته 5 مهينا اڳ مرحوم پيءُ جي چاچي الهه ڏنو موريو پنهنجي پٽن واجد، پيرل ۽ امجد موريو سان گڏجي زرعي زمين جو ڪوڙو روينيو رڪارڊ ٺاهي ان تي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪيون ويٺا آهن جن خلاف مون لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي سميت حد جي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس سندن خلاف ڪاروائي لاءِ تيار ناهي جن هينئر بااثر مقصود سومري جي پٽ معراج سومرو جو غيرقانوني طور نادرا مان ڪارڊ ٺهرائي ان کي اسان جو وارث ڄاڻائي سڄي زرعي زمين پنهنجي نالي ڪرائڻ چاهن ٿا، آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.