شبير بجاراڻي جي کليل ڪچهري،ماڻهن شڪايتن جا دفترکولي ڇڏيا

خيرپور(  ڊ ر ) مائينز  ۽ منرل جي صوبائي وزير سنڌ شبير علي بجاراڻي چيو آهي ته کلي ڪچهرين منعقد ڪرڻ جو مقصد صوبي جي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل کي يقيني بڻائڻ آهي.  هن چيو ته اڄ وزير اعلي سنڌ جي خصوصي هدايتن تي شرڪت ڪئي آهي ته جيئن غريب مسڪسينن ۽ هيٺين طبقي جي عوام جا بنيادي ۽ جائز مسئلا سندن جي دروازن تي ئي حل ٿي سگهن. هن ضلعي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ ويهي عوام جا جائز مسئلا فوري طور تي حل ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي واپڊا، اسڪارپ ۾ انجنيئر جي نه هجڻ ۽ ٽيوب ويل جو ڪم نه ڪرڻ، پيئڻ جو صاف پاڻي، ڪلر ۽ سم، ڊرينيج، زميني کاتن ۾ ڦير ڦار، پوليس، ملازمن جي پگهارن، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي کوٽ، زراعت، واهن جو پاڻي سميت ٻيا تمام اهم مسئلا پڻ صوبائي وزير آڏو رکيا ويا. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جو معاون خاص اقبال ساند، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر منور وساڻ، ايم اين اي مهرين ڀٽو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو، ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال، اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر اعجاز ميمڻ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ ساجن مل، اٺن تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر،  مظهر علي مڱڻهار، عتيق ڦلپوٽو  سميت تمام آفيسرز موجود هئا.کلي ڪچهري ۾ تمام سرڪاري کاتن جي اعليٰ آفيسرن کي طلب ڪيو ويو هيو ته جيئن عوامي مسئلن جو بروقت ازالو ٿي سگهي. کلي ڪچهري جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي. زميني کاتن ۾ ڦير ڦار ۽ زمينن تي قبضن بابت پڇيل سوالن جي جواب تي صوبائي وزير ڊي سي خيرپور کي چيو ته هنن جا مسئلا ٻڌي فوري طور تي سندس حل کي يقيني بڻايو وڃي ۽ رپورٽ جمح ڪرائي وڃي. پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينيج ۽ ڊسپوزل سميت ٻيون ترقياتي اسڪيمون مڪمل نه هجڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ صوبائي پبلڪ هيلٿ جي ايڪسيئن کان ڪارڻ دريافت ڪيا ۽ عوامي مسئلن جي فوري حل لاء سخت حڪم جاري ڪيا ته جيئن عوام کي اهي سموريون سهولتون مهيا ڪئي وڃي. ٽرانسپورٽرن جي مسئلن تي ڳالهائيندي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي چيو ته اسين ٽرانسپورٽرن جا جائز مسئلا ڪابينا ۾ کنيا ويا آهن. صوبائي وزير سب انجنيئر جي اپگريڊيشن ۽ پروميشن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته وڏو وزير ان مسئلي تي با خبر آهي ان جي جي حل لاء اهڙيون هدايتون چيف سيڪريٽري کي پڻ جاري ڪيون ويون آهن. اقليتن کي پيش ايندڙ مسئلن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت اقليتن جي مسئلن جي حل لاء جوڳا اپاء ورتا آهن ۽ انهن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي ويندي. شهر اندر امن امان کي برقرار رکڻ، مظلومن کي فوري طور تي رليف فراهم ڪرڻ لاء ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال کي هدايتون ڏنيون، جن ماڻهن شڪايتون ڪيون آهن ان جو ازالو ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان وڏي وزير کي هڪ جامح رپورٽ پڻ پيش ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.