اڪري واسي چئن سالن جو نينگر دل ۾ سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا

اڪري چودڳي (ن ع آ)   اڪري واسي پورهيت محمد الدين شر پريس ڪلب پهچي ٻڌائيندي چيو تہ سندس چئن سالن جو پٽ عبدالمنان دل جي سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا آهي ڊاڪٽرن مطابق سندس دل ۾ ٻہ سوراخ آهن دل جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب سندس پٽ کي بخار نمونيا ۽ساھ جي تڪليف پڻ آهي ٻارن جي دل بيمارين جي قائم اسپتالن سکر،خيرپور،نوابشاھ ڪراچي سميت مختلف اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو آهي جيڪي صرف چند گوريون ڏيئي واپس ڪري ڇڏين ٿا ۽آپريشن جو مشهورو ڏين ٿا جنهن تي پنج کان ڇھ لک روپيا خرچ اچي ٿو هن چيو تہ پٽ جي اعلاج خاطر الھ تلھ وڪڻي ڇڏيو آهي پر پٽ جي طبيعت ۾ ڪو سڌارو ناهي پٽ جي طبيعت خراب هجڻ سبب سندن گهريلو زندگي پڻ متاثر ٿي رهي آهي هن چيو تہ مان غريب مسڪين آهيان موٽر سائيڪل ٽيڪسي وهائي پيٽ گذران ڪيان ٿوپٽ جي اعلاج لاء ايڏي وڏي رقم گڏ ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي هن وزير اعلي سنڌ صحت جي وزير سرندي وارن ۽ٻين وس وارن کان پٽ جي اعلاج ۾ مدد جي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو تہ ممڪن اعلاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪري سندس پٽ جي زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.