تڪ جي عوام سان هر وقت گڏ آهيون: شهزاد صالح ڀوتاڻي

حب(ن  ع آ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير جي خاص معاون سردار زاده شهزاد صالح ڀوتاڻي پيرڳوٺ اوٿل ۾ پير غلام رسول شاهه جي وفات تي سندس ڀاءُ پير حسين شاهه سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي، آهوڙه ۾ محمد صديق مانڊڙا جي وارثن سان عذرخواهي ڪئي، اوٿل ۾ قادر بخش برفت جي والد ۽ فيصل برفت جي ڏاڏي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي ضلعي نائب ناظم محمد ابراهيم دودا، الله بخش دلاري، پير عبدالمجيد شاهه جيلاني، پير رحيم شاهه جيلاني، پير عارب شاهه، الله بخش دودا، پير يوسف شاهه، ابراهيم عادل، چوڌري ناصر جلال، ڪريم بخش دودا، بابو دودا، قادر بخش خاصخيلي، محمد حيات موشاني ۽ ٻيا به موجود هئا، سردار زاده شهزاد صالح ڀوتاڻي چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي عوام سان رابطي ۾ رهندا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.