ميرو خان لڳ بااثر اسڪول ڊهرائي اوطاق ٺاهي ڇڏي، تعليم تباهه، لاڙڪاڻي ۾احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميروخان تعلقي جي ڳوٺ مانجهي مگسي جي رهواسي ڊاڪٽر سيف علي مگسي پنهنجي چاچي يار محمد مگسي، حاجي رحمت الله تونيو، محمد يونس بگٽي ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جو ڳوٺ 1940ع کان آباد آهي، جنهن ۾ ڳوٺ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ تعليم کاتي طرفان سال 2010ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول مانجهي مگسي جي عمارت تعمير ڪرائي ڏني وئي، اتي مون اين سي ايڇ ڊي جي طرفان ٻن ڳوٺن مانجهي مگسي ۽ گامڻ کوسو سان واسطو رکندڙ 50 کان 60 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏيندو هيس استادن جي کوٽ سبب اتي استادن کي مقرر نه ڪيو ويو،  جنهن بعد سال 2012ع ۾ ڳوٺ جي بااثر تعليم دشمن وڏيري محمد وارث مگسي، روشن، خالد مگسي ۽ ٻين پنهنجي ڏاڍ تي اسڪول جي عمارت کي تالا هڻي بند ڪرائي ڇڏيو جيڪي نه ٿا چاهن ته ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا پڙهي لکي ڪنهن اعليٰ منزل تي پهچڻ سان گڏ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو هٿ ونڊرائن ان وقت مون تعليم کاتي ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي شڪايتون ڪيون پر ڪنهن به ڪاروائي نه ڪئي، ويتر انهن گذريل سال ڊسمبر مهيني ۾ اسڪول جي عمارت کي ڊهرائي پٽ ڪرڻ بعد اتي پنهنجي ذاتي اوطاق قائم ڪري ڇڏي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن ٻي صورت ڳوٺ وارن سان گڏجي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ بااثر وڏيري ۽ ٻين خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.