جوهي ۾ تيل ڪمپني انتظاميا پاران سهولتون نه ملڻ تي احتجاج

جوهي ( ن ع آ  ) جيسيتائين تيل ۽ گيس ڪمپني بنيادي سهولتون فرام نٿي ڪري ڪمپني کي هتان وڃڻ نه ڏينداسين اهڙو اظهار ڇنڊڻ ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي جوهي صدر انجنيئر  آفتاب احمد پنهور ,علي اڪبر پنهور , نور احمد ,شفيع محمد گاڏھي ,شمن پنهور ۽ ٻين جوهي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آھي, هنن چيو ته گذريل 26 سالن کان آئل و گئس ڪمپني B H P ۽ o p p l ڪمپني اربين رپين جو تيل گئس ڪڍيو مگر علائقي جي ڳوٺن ۾ رائلٽي سميت تعليم پيئڻ جو پاڻي بنيادي سهولتون مهيا ناهن ڪيون ويون, هنن چيو ته ڪمپني پاران ملندڙ فنڊز  هتان جا چونڊيل نمائنده ۽ ڊي سي دادو  هڙپ ڪري ويا آهن, هنن چيو ته اسان پنهنجي جائز حقن لاء ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو آهي, انشاء الله عدالت انصاف ڪندي, هنن مطالبو ڪيو ته ڪمپني جي ڀروارن ڳوٺن کي صحت, پاڻي, تعليم سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ ڪمپني جي رستا روڪ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.