حيدر آباد ۾ امام بارگاهه تي قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد( رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي شيدي ڳوٺ جي رهواسي عمران سولنگي بااثر ماڻهن پاران سندس امام بارگاهه تي قبضي جي ڪوشش خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته جمعرات صبح 8 بجي علائقي جي بااثر ماڻهن منهنجي گهر واري ۽ مون مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن سبب گهر واري سميت زخمي ٿي پيس جڏهن ته هو بااثر آهن مون مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن ۽ منهنجي گهر جي پاسي ۾ امام بارگاهه آهي جنهن تي هو قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته امام بارگاهه ۾ پيل چندي واري پيتي پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.