حيدر آباد ۾ لاڪاليج جي شاگرد تي ڪيس داخل، لاڪپ حوالي، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ لاءِ اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن ۽ اينٽي ڪرائم اينڊ اينٽي نارڪوٽيڪس آرگنائيزيشن پاران محمد حسين لغاري ۽ ان جي مائٽن مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون طارق حسين، محمد هارون، ساجن لغاري، مهراڻ ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن الزام هڻندي چيو ته لا ۾ پڙهندڙ آخري سال جي شاگرد محمد حسين لغاري بلديا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ لاءِ ويو جنهن کي بلديا ٿاڻي جي ايس آءِ پي سندس مٿان تشدد ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو, جنهن بعد سندس والد ٿاڻي تي پهتو ته پوليس ان سان بدتميزي ڪئي ۽ محمد حسين کي آزاد ڪرڻ لاءِ 1 لک روپين جي گهر ڪئي پئسا نه ڏيڻ تي پوليس سندن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي, جيڪا قانون جي شاگرد سان وڏي ناجائزي آهي. هنن چيو ته محمد حسين لغاري لا ۾ پڙهندو آهي جنهن جو آخري سال آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيل شاگرد محمد حسين لغاري مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس بازياب ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.