ڄامشورو ۾ پي ٽي آءِ جا 50 کان وڌيڪ ڪارڪن سپاف ۾ شامل

ڄامشورو( ڊ ر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاگرد ونگ سپاف ضلعي ڄامشوري جو اجلاس ضلعي صدر جهانزيب پنهور جي سربراهي هيٺ ضلعي ڪائونسل جي هال ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سپاف جي اڳواڻن سميت پي ٽي آئي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي,اجلاس دوران پاڪستان تحريڪ انصاف ڄامشورو جي  سينيئر اڳواڻن رضوان چانڊيو ۽ توفيق لغاري طرفان پي ٽي آء کي الوداع ڪري 50 نوجوان ساٿين سميت پاڪستان پيپلز پارٽي سپاف سنڌ جي مرڪزي قيادت ۽ سپاف ضلعي ڄامشوري صدر جهانزيب پنهور جي قيادت تي اعتماد ڪندي شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو  ۽ شموليت ڪندڙن ۾  نوجوانن رضوان چانڊيو، توفيق لغاري، رضوان ڏاهاڻي، فرحان مهر، شهزاد لغاري، ۽ ٻيا شامل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.