نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاھه ڀرسان ڳوٺ وريام جي کوھي جي رھواسين عطا محمد مھر، در محمد مھر، عبدالرزاق مھر، مسمات امام زادي، مسمات نجمه ۽ ٻين جو زرعي زمين تي مبينه قبضي ڪرڻ خلاف نوابشاھه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڳوٺ وريام جي کوھي ۾ اسان جي ھڪ ايڪڙ زرعي زمين آھي جنھن جا ڪاغذ به اسان وٽ آھن ليڪن ان باوجود بااثر اياز مھر، فياض مھر، ڌڻي بخش مھر، فراز مھر ۽ ٻيا زبردستي قبضو ڪري رھيا آھن ۽ گھرن ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي تشدد ڪري رھيا آھن، ھنن چيو ته اسان جمال شاھه ٿاڻي تي وياسين ليڪن پوليس به انھن جي ونگار وهندي اسان کي تنگ ڪري رھي آھي ۽ مذڪورہ بااثرن کان رشوت وٺي اسان کي بنا جواز گرفتار ڪري رھي آھي، ھنن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زمين تان قبضو ڇڏائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.